چيلهار: چيلهار ويجهو ڳوٺ پوڇانڊو پار ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ٻن پورهيتن سترام ولد ڪرمون ۽ ليمون ولد جوڌو جي ٻن ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب 4 چونئرا سڙي رک ٿي ويا. گهرن ۾ پيل اناج، سونا زيور ۽ ٻيو سامان به سڙي ويو. اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي وقت سر نه پهتي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد تحت باهه تي ضابطو آندو. گهر سڙڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close