پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي گرلز مڊل اسڪول کي اپ گريڊ نه ڪرڻ خلاف احتجاج

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي گرلز مڊل اسڪول 20 سال کان مٿي عرصو گذري وڃڻ باوجود به اپگريڊ نه ٿي سگھيو، نياڻين جي تعليم سخت متاثر، قومي عوامي تحريڪ پاران احتجاج ڪيو ويو، خبر موجب مسوڀرڳڙي جي گرلز مڊل اسڪول کي 20 سال کان مٿي عرصو گذري وڃڻ باوجود به ھا اسڪول جو درجو نه ملي سگھيو آھي، جنھن سبب ھتان جي سوين نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، عبدالستار ابڙو، گلزار ڪلھوڙو ۽ ٻين پاران پريس ڪلب مسوڀرڳڙي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي عبدالستار ابڙو، گلزار ڪلھوڙو “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته مسوڀرڳڙي جو گرلز مڊل اسڪول 20 سالن کان به پراڻو آھي پر ان کي اڃان تائين ھا اسڪول جو درجو به نه ملي سگھيو آھي، جنھن سبب ھتان جي سوين نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي، ھنن چيو تي مسئلي جو نوٽس وٺي اسڪول کي اپ گريڊ ڪري ھا اسڪول جو درجو ڏياريو وڃي ته جيئن ھتان جون سوين نياڻيون اڳتي به تعليم پرائي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button