پاڪستانپنجاب

عمران گهرو ويڙهه چاهي ٿو ته عوام جا هٿ سندس ڳچي ۾ هوندا: وزيراعظم

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته اها سندس وڏي ڀُل آهي، پاڪستان جو عوام سندس ڳچي مان وٺندو. لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن عمران خان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو ته اها سندس ڀل آهي، قوم ان کي نه ڇڏيندي، هيءَ قوم عمران نيازي کي معاف نه ڪندي، تنهنجي ڳچي ۽ قوم جو هٿ هوندو. هن چيو ته عمران نيازي هن قوم کي اخلاقي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي لفظ هن استعمال ڪيا، ان سان سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو،شهباز شريف چيو ته عمران نيازي کي مخالفن کي ڀت سان لڳائڻ مان فرصت نه هئي، وٽس اسپتالن، روڊن ۽ خوشحالي لاءِ .فرصت نه هئي، ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button