ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پ پ ش ڀٽو جي سڏ تي شهيدن واري موري کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري چانڊيا چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ ايس يو پي، سني ايڪشن ڪميٽي، شهري اتحاد، آزاد اتحاد جي ڪارڪنن، هارين ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ ش ڀٽو سنڌ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ذولفي کوکر، علي شير جلباڻي، محبوب کوکر، فيصل مينگل، حبدار جوڻيجو، الطاف کوکر، ديوا جانوري، شهزاد ميراڻي، سني ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ صدرالدين جانوري، آزاد اتحاد اڳواڻ اياز کوکر، شهري اتحاد صدر ممتاز مينگل، اخلاق چانڊيو، سڪندر ٻرڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. پنجاب ورهين کان سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي معيشت کي نقصان رسائي رهيو آهي. سنڌو دريا ۾ واري اڏامي پئي، سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي، سنڌ جا هاري ۽ آبادگار پاڻي لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪن پيا، پر وفاقي سرڪار پاڻي ڏيڻ بدران خاموش آهي. پنجاب غيرقانوني طور ڪئنال وهائي سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي پيو. هنن چتاءُ ڏنو ته سنڌ کي پاڻي وقت نه ڏنو ويو ته پ پ شهيد ڀٽو احتجاجي تحريڪ هلائيندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close