پاڪستانسنڌ

شيعه علما ڪائونسل پاران يوسي لنڊو لا اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ شيعه علما ڪائونسل تعلقي شھدادپور پاران بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ يوسي لنڊو ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون. يوسي لنڊو تي چيئرمين لا بيهاريل مولوي صدرو خان رند، وائيس چيئرمين لا عاشق حسين ۽ ٻين کي شيعه علما ڪائونسل ضلعي سانگهڙ جي صدر مولانا محمد صالح شر، نائب صدر زوار غلام عباس رند ۽ تعلقي شھدادپور جي صدر زوار امداد علي رند پاران ٽڪيٽون ڏنيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا محمد صالح شر، زوار غلام عباس رند، زوار امداد علي رند ۽ ٻين چيو ته ھن ڀيري بلدياتي اليڪشن ۾ شيعه علما ڪائونسل سڄي سنڌ مان ڪاميابي حاصل ڪندي. انشاالله ضلعي سانگهڙ جي عوام اسان جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندي. مولوي صدرو خان رند چيو ته اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري عوام جي خدمت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button