ڦلجي اسٽيشن: ڦلجي اسٽيشن ۾ لائبريري نه هجڻ خلاف سماجي تنظيم مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ پارانِ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهيد فاضل راهو چوڪ کان ايوان صحافت چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جهانگير آرائين، راڻا نصرالله، مشھور ميمڻ، آخوند نور احمد ڏهوٽ، ھالار ياسين آرائين، علي جان لغاري، آخوند محمد نواز چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ڪيترن مھينن کان احتجاج ڪري رهيا آھيون، پر ڪير به نوٽيس ناهي ورتو. شهر ۽ ڀرپاسي جي شاگردن لاءِ عوامي لائبريري ناهي، جنهن سبب نوجوانن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، چونڊيل نمائندا نوجوانن کي علم پرائڻ ۾ مدد نٿا ڪن. هنن ثقافت کاتي جي وزير ۽ ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيو ته عوامي لائبريري قائم ڪرڻ لا نوٽيس ورتو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close