پاڪستانسنڌ

پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي لا وٽرنري ڊاڪٽرن جا مظاهرا

حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي لاءِ 257 ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن جي جوڙيل ڪميٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ مظاهيا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ وٽرنري ڊاڪٽر عمران گيلاني، ڊاڪٽر اي ڪي سميجو، ڊاڪٽر امجد کوکر، لالا توقير منگي، ڊاڪٽر سنديش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران لائيو اسٽاڪ کاتي لاءِ وٽرنري آفيسر، ريسرچ آفيسر جو لکت ۽ وائي واس امتحان پاس ڪيو، جنهن جو نتيجو 6 ڊسمبر 2021ع تي جاري ڪيو ويو، وڏي وزير پريس ڪانفرنس ذريعي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي کولڻ جو اعلان ڪيو، پر اڄ تائين اهو اعلان اعلان ئي رهجي ويو. هنن چيو ته سنڌ ۾ جانورن ۾ لمپي اسڪين ڊزير جي وبا هلي رهي آهي لائيو اسٽاڪ کاتي پاران سموري سنڌ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري بيماري تي ظابتو آڻڻ لاءِ عمل تيزي سان جاري آهي، پر کاتي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب پلان ڪيل هدف تي پورو نه ٿو لهي سگهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته جلد پبلڪ سروس ڪميشن کي بحال ڪري سنڌ جي ميرٽ ۽ مستقبل کي بچايو وڃي. بدين ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن ڊي سي چوڪ کان ڊاڪٽر اصغر چانگ، ڊاڪٽر ياسر سومرو ۽ ڊاڪٽر عمران ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ميرپورخاص ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڊاڪٽر عبدالڪريم ڪولاچي، ڊاڪٽر شفقت پنھور، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. عمرڪوٽ ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن عبدالخالق سميجو، ڊاڪٽر علي محمد ھاليپوٽو، ڊاڪٽر سوائي سنگهھ سوڍو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. مٺي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن صادق فقير چوڪ کان ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي، ڊاڪٽر جگديش مالهي، ساجن پرمار، ڊاڪٽر غلام الله جوڻيجو، ڊاڪٽر سنتوش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو. نوابشاهه ۾ ڊاڪٽر نور جلباڻي، ڊاڪٽر عدنان مھر، ڊاڪٽر غلام الله لغاري، ڊاڪٽر مرتضيٰ راھو، ڊاڪٽر امداد الله، ڊاڪٽر محمد انيس ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ وٽرنري ڊاڪٽرن هٿن بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڊاڪٽر اعظم ابڙو، ڊاڪٽر عبدالسميع لغاري، ڊاڪٽر شاهد چنو، ڊاڪٽر معيد ميراڻي ۽ زاهد شاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ٽنڊوڄام ۾ ڊاڪٽر نويد ٻرڙو، ڊاڪٽر ھوش محمد سولنگي، ڊاڪٽر عرفان ميمڻ، ڊاڪٽر جي ايم، ڊاڪٽر سرفراز ويسر ۽ ٻين احتجاج ڪيو. اهڙي طرح ڪنڌڪوٽ ۽ مورو ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button