سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڄامشوري ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ۽ سنڌو دريا جي بحالي لا سنڌ نيشنل وائيس طرفان سيد ذيشان، مبشر لغاري، رضوان سنڌيار، عزيز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ان موقعي تي مظاهرين جي هٿن ۾ ڳاڙها ڪهاڙي وارا جهنڊا ۽ هڪ بينر کنيل هيو جنهن تي لکيل هو ته سنڌو دريا تي پنجاب طرفان ڌاڙو سنڌ جي وجود خلاف سازش آهي، سنڌ کي 1995ع سنڌ ۽ پنجاب پاڻي ٺاهه موجب 75 سيڪڙو پاڻي ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close