ڄامشوري ۾ جي يو آ جو اجلاس مولانا تاج محمد ناهيون جي سربراهي ۾ جامع حياتيا ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد قاسم خاراني، مولانا سڌير احمد رند، حافظ جميل احمد لغاري مولانا صبغت الله شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اڄوڪو اجلاس سنڌ ۾ ٿيندڙ مقامي چونڊن جي حوالي سان ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ضلعي ڄامشورو هر يو سي ۽ هر وارڊ ۾ ڪائونسلر ۽ چيئرمين شپ لا اميدوار بيهاريا ويندا. هنن چيو ته پ پ حڪومت جي ٽن دورن ۾ به سنڌ لا ڪجھ نه ڪيو، ويتر سنڌ شهر بنيادي مسئلن ڪري تباهي جي ور چڙهي ويا آهن. سي ايم سنڌ جو پنهنجو تڪ ضلعو ڄامشورو کنڊرات وارو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ماڻهن کي تعليم, صحت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون ميسر ناهن. هنن چيو ڄامشوري جو عوام پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري ته جيئن ضلعي جي قسمت بدلائي سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close