سڌ سماءَ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران نيازي جي لانگ مارچ جي اعلان تي ردعمل ڏيندي چيو آھي ته عمران نيازي ملڪ ۾ افراتفري جون سازشون ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد رياستي ادارن کي دٻا ۾ وجهي يرغمال بڻائڻ آهي. عمران نيازي قوم کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران نيازي جي پاڪستان ۾ نه پهريان دلچسپي هئي نه هاڻي آهي. هن کي پنهنجي اقتدار سان دلچسپي آهي. هو چاهي ٿو ته اقتدار جي ڪرسي سان چنبڙيو رهي ۽ ان کي قوم تي ٻيهر ٿاڦيو وڃي ۽ هر ڀيري هن کي پيراشوٽ ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي ويھاريو وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام چيو ته عمران خان ٻڌائي ته هو چونڊ سڌارن کان ڇو ڀڄي رهيو آهي. هو ڇو نه ٿو چاهي ته اليڪشن ريفارمز ٿين. شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته هو به چاهين ٿا ته چونڊون ٿين پر ان کان پهريان چونڊ سڌارا ضروري آهن. صوبائي وزير چيو ته عمران نيازي ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ چاهي ٿو. 15 ڏينهن اڳ چوندو رهيو ته ادارا نيوٽرل نه ھجڻ گهرجن. اڄ چئي پيو ته ادارا نيوٽرل هئڻ گهرجن. عمران خان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. صوبائي وزير چيو ته ڪجهه به ٿئي حڪومت عمران نيازي جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close