نئون ديرو ۾ مڪاني چونڊن ۾ هڪٻئي جي مخالفت ڪرڻ تي منگي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قتل ٿيل واپاري بخشل منگي جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول بخشل منگي جي پٽ طفيل منگي نئون ديرو ٿاڻي تي شاعر منظور منگي، ذوالفقار، ساجد، نذير، عبدالله ۽ هڪ اڻڄاتل سميت 6 جوابدارن خلاف والد جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو. فرياد ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته منظور منگي جو پٽ ذوالفقار منگي ڳڙهي خدابخش ڀٽو يوسي تان ضلعي ڪائونسل لا نامزدگي فارم جمع ڪرايو، جنهن جي اسڪروٽني دوران ڇنڇر ڏينهن سندس تائيد ڪندڙ ڀاڻيجو خالد منگي پي ٽي آ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي منظور منگي منهنجي والد بخشل منگي کي ڌمڪايو هو، ان معاملي تان محمد خروس جي ڪانٽي وٽ پيڇو ڪري موٽرسائيڪل سوار منهنجي والد جو اڳ جهلي جوابدار ساجد منگي، معشوق، ذوالفقار منگي، عبدالله، نذير ۽ هڪ اڻڄاتل کي بڇ ڏني ته بخشل منگي کي قتل ڪيو. ٻئي طرف شاعر منظور منگي جو چوڻ آھي ته مان پنھنجي پٽن ذوالفقار، معشوق، ڀا برڪت، ڀيڻوي سميت ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ لا موجود ھئس اسان بخشل منگي جو قتل نه ڪيو آھي. بخشل ۽ طفيل اسان جي گهر تي ڪاهه ڪري مون سميت منھنجي ٻن پٽن معشوق ۽ ذوالفقار منگي کي ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو ھو، اسان زخمي حالت ۾ ٿاڻي تي موجود ھئاسين، جتان پوليس مون سميت منھنجي پٽن ۽ ڀا کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو. هوڏانهن پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر واقعي جو نوٽيس وٺندي قتل واقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي فون ڪري قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جي گهر ڪئي. جڏھن ته پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ فريال ٽالپر بخشل منگي جي قتل تي افسوس جو اظھار ڪندي پوئنرن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو. ٻئي طرف ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاڻ معاملي جاچ ڪري رھيو آھي، جنھن لا ھن منظور منگي ۽ سندس پٽن ۽ ڀا کي پنھنجي اسڪواڊ جي گاڏي موڪلي کڻائي ويو آھي. جڏھن ته نئون ديرو جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو واقعو ٿيو آهي، جنهن تي هتان جي سياسي سماجي حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close