سنڌ

جيئي سنڌ محاذ جا درياهه تي قبضي ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف مظاهرا

جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي سنڌو درياهه تي قبضي، ڌارين آبادڪاري ۽ عدالتن کان مٿانهين قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ نواز خان ڀاڏائي، راوت چانڊيو، مهراب کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. گهارو ۾ عبدالطيف ناهيو، عباس چانڊيو، صدام پنهور، عامر چانڊيو، قيوم جتوئي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ميرپور ساڪرو ۾ مرتضي لاشاري، ساگر ملاح، گلزاز شاهه بخاري، نويد خليفو، ڪالو ڪڇي، ذوالفقار ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. نوشهروفيروز ۾ عرفان ڏاھري، ابرار ميمڻ، نويد بھڻ، شھزاد جروار، نعمان ٻٻر، عجب چانديو ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ جاويد عمراڻي، نويد ڇٽو، سرائي امتياز، علي رضا حاصخيلي، منير ڀٽي، رحمان سنڌي، باغي بالاچ عرف فرحان کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. مورو ۾ شهيد عبدالرزاق سومرو جي مزار شهيد چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ابرار ميمڻ مورائي، دانش ميمڻ، وقار ڪلهوڙو، نويد بهڻ، فرحان شيخ، اسد لاکو، ڪريم بھڻ، عرفان ابڙو، زين ميمڻ، احسن جوکيو، ياسر جويو، وقار مھر، سلطان جمالي، بدر لانگاهه، سرمد ڏيپر، علي رضا لغاري، امين چوھاڻ، پرويز چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ درگاهه قائم شاهه بخاري کان ريلي ڪڍي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button