سنڌ

پير وسڻ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف احتجاجي پيادل مارچ

پير وسڻ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف نوجوان اتحاد جي سڏ تي آبادگارن، ھارين ۽ سول سوسائٽي سميت مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سنڌي هوٽل کان 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي منظور سنڌي، استاد امانت علي حاجاڻو، منظور علي حاجاڻو، اظهر علي حاجاڻو، باسط علي سومرو، صدام مجيداڻو، عبدالقدير جمالي، زاھد علي ڦل، افضل حاجاڻو، اياز ڦل، زبير احمد ٻانڀڻ ۽ ٻين چيو ته پير وسڻ جي مختلف واھن ۽ شاخن ۾ ويھو واهه، فيض گنج واهه، علي بحر واهه، پندرنھون واهه، علينواز شاخ ۽ موجائي شاخ سميت ننڍن واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب آبادگارن ۽ هارين سان زيادتي ڪئي پئي وڃي. اسان جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري جانور ۽ پکي اڃ وگھي مري رهيا آهن. علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال آھي. جر به کارو ٿي ويو آهن. هنن مطالبو ڪيو ته واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button