پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ فنڪشنل اڳواڻ شريف رند الحسيني پينل جي حمايت ڪري ڇڏي

مقصودورند: بلدياتي اليڪشنون علائقائي ۽ برادري سطح جون هونديون آهن. بلدياتي اليڪشن ۾ نوجوان قيادت کي اڳيان آڻڻو پوندو، ان لا اسان ذاتي بنيادن تي يوسي اندر الحسيني پينل جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا. اهڙو اظهار اڳوڻي ڪائونسلر، فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ سياسي سماجي شخصيت محمد شريف رند پنهنجي رهائشگاهه تي الحسيني پينل يوسي لنڊو جي وائيس چيئرمين جي اميدوار دلبر خان رند، مير غلام الله رند، مجاهد محمد حنيف رند ۽ ٻين سان گڏ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان قيادت تي مشتمل آزاد الحسيني پينل جي چيئرمين توڙي سمورن اميدوارن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، اميدوارن جي حمايت ۾ جلد ورڪ شروع ڪنداسين، اسان فنڪشنل مسلم ليگ جو حصو آهيون ۽ ان ۾ ئي رهنداسين، باقي الحسيني پينل جي حمايت فيصلو اسان جو ذاتي آهي. الحسيني پينل يوسي لنڊو جي وائيس چيئرمين دلبر رند چيو ته يوسي اندر الحسيني پينل جي ڪاميابي يقيني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button