چمبڙ: چمبڙ ۾ بڪيراڻي سب ڊويزن جي سرفراز واهه چاڪر ڊسٽري ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن تي آبپاشي عملدار رينجرز جي جوانن سان گڏ نگراني ڪرڻ لا گشت ڪرڻ لڳا. ڪيترن ئي ٽٽل واٽر ڪورسن کي آبپاشي عملي رينجرز جي مدد سان سيل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پاڻي واڌ اچڻ لڳي آهي. ان سلسلي ۾ آبپاشي عملدارن چيو ته اسان ڪنهن کي به غير قانوني پاڻي وھائڻ نه ڏينداسين، هر ڪنهن کي حصي مطابق پاڻي ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آھي ته جيڪي پڇڙي ۾ آبادگار آھن ۽ پاڻي ڦڙي لا ترسي رهيا آھن، انهن کي پاڻي پهچايو وڃي. ڪوبه آبادگار پاڻي چوري ڪندو ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close