پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ويجهو نوجوان جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

سنڌڙي: سنڌڙي ويجھو ڪاٺڙي جي راڄڙ پيٽرول پمپ ڀرسان ڪالوني ۾ نوجوان جو گھر ۾ ڦاهو کاڌل لاش ھٿ آيو. دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڪاٺڙي جي راڄڙ پيٽرول پمپ ڀرسان ڪالوني ۾ 16 ورهين جي نوجوان پرڪاش پٽ هرجي ميگھواڙ جو گھر مان ڦاهو کاڌل لاش مليو. ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته نوجوان خودڪشي ڪئي آھي، پر ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button