پاڪستانسنڌ

ڪنري ۾ نائين جماعت جو پرچو ڏيڻ ويل شاگرد گم

ڪنري: ڪنري ويجهو ڳوٺ ساڏوري سيد جو رهواسي نائين ڪلاس جو شاگرد 19 سالن جو گلزار خليل ولد شاهه محمد شاهه مبينا طور گم ٿي ويو. ان ڏس ۾ سندس سئوٽ شاهنواز ٻڌايو ته گلزار خليل نائين جو پرچو ڏيڻ لا ڪنري ويو، جتان گم ٿي ويو آھي. اسڪول انتظاميا جو چوڻ آھي ته شاگرد اسان وٽ ناهي آيو. وارثن چيو ته گلزار جو موبائل فون بند آهي، اسان کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي. هوڏانهن چوٻول آهن ته نوجوان گهروارن کان ڪاوڙجي گهران نڪتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button