پاڪستانسنڌ

مسڻ ۾ گم ٿيل معصوم ٻارڙو بيدردي سان قتل،ديون مان لاش مليو

ٽنڊوالهيار/ مسڻ وڏي/ چمبڙ: مسڻ ۾ گم ٿيل معصوم ٻار کي نامعلوم جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش ديوين ۾ پوري ڇڏيو. رپورٽ موجب مسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دين محمد آريسر ڀرسان مير وحيد ٽالپر جي غير آباد زمين تي ويٺل مبارڪ علي ميرجت جو معصوم پٽ 10 سالن جو شھباز ميرجت گذريل ڏينهن شام پنج وڳي ڌاري گھر مان نڪتو ۽ گم ٿي ويو، جنهن جو لاش ٻئي ڏينهن آريسر لنڪ روڊ ڀرسان ديوين جي ٻڙن مان پوريل هٿ آيو، اطلاع تي مسڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار اسپتال منتقل ڪيو، ان دوران ڊي ايس پي سي آئي اي عثمان لغاري پڻ پهچي ويو. واقعي جو ٻڌي سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا. قتل ٿيل شھباز ميرجت جي پي مبارڪ علي ميرجت ٻڌايو ته منھنجي ڪنهن سان دشمني ناهي، آئون ڪاٺيون وڍي وڪڻڻ سان گڏ مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهيان، خبر ناهي مون سان هي ڪنهن ظلم ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن شام جو مون پنهنجي ٻنهي پٽن کي گڏهھ ڪاهي اچڻ جو چيو، ڪجھه دير بعد وري ٻنهي پٽن کي سڏ ڪيو ته اچي چانهھ پيو، ان وقت هڪ پٽ آيو، ٻيو نه آيو ته اسان ڳولا شروع ڪئي. انبن جا باغ، مائٽن جا گھر ۽ پاڻي سان ڀريل واٽر ۽ ٻين جاين تي ڳوليو، پر شھباز ھٿ نه آيو. اڄ صبح جو 10 وڳي منهنجي معصوم جو شلوار لٿل ۽ گھٽا ڏنل لاش هٿ آيو آهي، خبر ناهي منھنجي معصوم پٽ سان ڇا ڪيو ويو، مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي، منهنجي معصوم پٽ جي قاتلن کي ڳولي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد معصوم جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مسڻ پوليس شڪ جي بنياد تي سولنگين جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن واقعي جو ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق بجاراڻي نوٽيس ورتو ۽ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي. ايس ايس پي پنهنجي ٽيم سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهچي سمورا تفصيل ورتا. ان موقعي تي ايس ايس پي ٻڌايو ته لاش هڪ ڏينهن پراڻو آهي، رهي ڳالهه بدفعلي جي ته پوسٽ مارٽم ٿيو آهي، رپورٽ ايندي ته سڀ ظاهر ٿي ويندو، اسان جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين. هن مسڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او شڪيل جمالي کي هدايت ڪئي ته جلد اصل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هوڏانهن ڊاڪٽر آصف انڙ جي ابتدائي رپورٽ موجب ته نينگر جي ڳچي تي ڪجهه نشان هئا، زيادتي بابت ڪجهه نٿا چئي سگهون. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سڀ خبر پئجي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button