پاڪستانسنڌ

کهڙا ۾ ڳوٺ تي پوليس چڙهائي، 2 ڄڻا گرفتار، ٽائرن کي باهيون

کهڙا: کهڙا ڀرسان ڳوٺ ڪليري تي کهڙا ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري عمران ۽ ڪاشف ڪليري کي گرفتار ڪري کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف ڳوٺاڻن کهڙا ڊرٻ ميهڙ شاھه لنڪ روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن عمران ڪليري، سلطان ڪليري، جانب، فاروق ڪليري ۽ ٻين دانهيو ته کهڙا ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالرزاق ٿيٻو گمبٽ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري گهرن ۾ گهڙي گهرن ۾ پيل موبائيل فون، سون ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويو آهي، جڏهن ته عمران ۽ ڪاشف ڪليري کي بناجواز گرفتار ڪري کڻي ويا آهن. ڳوٺاڻن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آ جي سکر کان گهر ڪئي ته کهڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او کهڙا عبدالرزاق ٿيٻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بيسڪ هيلٿ سينٽر کهڙا مان موٽر سائيڪل چوري ٿي هئي، ان ۾ ٽيڪر لڳل هو، جيڪو ڪليري ڳوٺ جي پوزيشن ٻڌائي رهيو هو، جڏهن ته اسان ڪابه گرفتاري نه ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button