فريدآباد: پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو باهه متاثر ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي سڙي فوت ٿيلن جي وارثن اميد علي چانڊيو، امام الدين چانڊيو ۽ ٻين سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باھه واقعي ۾ جاني مالي نقصان ٿيو آهي، اسان پنهنجي برادري سان ڏک سک ۾ گڏ آھيون، اسان جي راڄ جا ماڻهو آهيو، اسان وقت تي باھه متاثرين جي مدد ڪئي ھئي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت باھه متاثرين جي وڏي مالڪي آهي، متاثرين جي لا گھر ٺھرائي ڏئي رهي آهي. جڏهن ته ايم پي اي برھان چانڊيو سان قربان چانڊيو، عنايت چانڊيو، نجم الدين چانڊيو ۽ ٻيا گڏ ھئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close