پاڪستانسنڌ

اڳڙا ۾ بجلي ڪاٽڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو، ٽائرن کي باهيون

اڳڙا: اڳڙا ڀرسان نئون ڳوٺ پٺاڻو مين اسٽاپ تي ڳوٺاڻن ۽ دڪاندارن سيپڪو گمبٽ ۽ لائين مين جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ان موقعي تي اعجاز گوپانگ، منير ملاح، جليل چنا، امان الله کهڙو، جواد کهڙو، لطيف کهڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نئون ڳوٺ پٺاڻو اڳڙا فيڊر جي بجلي گذريل 15 ڏينهن کان ڪاٽي وئي ھئي، جيڪا ڪالھه ٺاهي چالو ڪئي وئي ته لائين مين علي گل پيرزادو 20 منٽن کان پو ٻيهر ھڪ پرائيوٽ لائين مين کي فون ڪري ڪٽرائي ڇڏي آهي، سيپڪو گمبٽ ۽ لائين مين وڏي عرصي کان زيادتيون ڪري رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button