پاڪستانسنڌ

نوجوانن کي هنر سيکارڻ لا سهولتون فراهم ڪريون پيا: تنزيلا قمبراڻي

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي،پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي سنڌ حڪومت پاران بيروزگار نوجوانن کي ويب سائيٽ ٺاهڻ، مواد لکڻ، گرافڪس ڊزائننگ سميت ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر جي سکيا ڏيڻ واري نيشنل فري لانس ٽريننگ پروگرام جي ڪامياب نوجوانن جي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون تنزيلا ام حبيبـا قمبراڻي چيو ته سنڌ حڪومت بيروزگار نوجوانن کي هنر سکيا ۽ ننڍا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، هر ماڻهو کي سرڪاري نوڪري ملڻ ناممڪن آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت جي ترجيح آهي ته نوجوانن کي سکيا ڏئي انهن کي هنرمند هٿ ۽ تخليقي ذهن ڏيڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪم ڪريون. وڏي وزير جي خاص معاون چيو ته صرف سرڪاري نوڪري لاءِ پڙهڻ نه گهرجي، تعليم شعور لاءِ حاصل ڪبي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته نوجوان سنڌ ۽ ملڪ جو اهم اثاثو آهن، اسان پنهنجي انهي اثاثي کي وڌيڪ ڪارگر بنائڻ لاءِ ڪم ڪريون پيا، تخليقي صلاحيتون رکندڙ نوجوانن کي ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ نوڪري جي ضرورت ناهي، گهر ويٺي نوجوان پئسا ڪمائي سگهن ٿا. وائيس چانسلر چيو ته اڄ ڪامياب نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ مليا آهن، انهن ۾ اهڙا نوجوان به آهن جن مواد لکي ڏيڻ، گرافڪس ڊزائن ۽ ويب سائيٽ ٺاهڻ ذريعي تقريبن 5 هزار آمريڪي ڊالر به ڪمايا آهن. ان موقعي تي گريجوئيشن تقريب کي پنجاب آئي ٽي بورڊ جي نمائندي حماد بن خالد ۽ پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر قاسم آرائين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري، ڊائريڪٽر اورڪ پروفيسر ڊاڪٽر انعام ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون تنزيلا امُ حبيبه قمبراڻي مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ڊگريون به ورهايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button