سنڌ

جواب ڏنم ته مفتاح اسماعيل کي لڪڻ جي جا نه ملندي:شوڪت ترين

ناڻي واري اڳوڻي وزير سينيٽر شوڪت ترين مفتاح اسماعيل جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل مهذب زبان ۾ ڳالهه ڪري، جيڪڏهن مون کيس جواب ڏنو ته کيس لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. شوڪت ترين چيو ته مفتاح اسماعيل هواس وڃائي ويٺو آهي، کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته معيشت کي ڪيئن هلائجي، ان جي فيس سيونگ نه پئي ٿي، ان لاءِ پريشان آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت (ن) ليگ حڪومت کي هر شعبي ۾ پوئتي ڇڏي ڇڏيو آهي، اسان روزگار جا موقعا به پيدا ڪيا، زراعت جي شعبي کي بهتر ڪيو، قرض وڌيا ته ان سان گڏ جي ڊي پي به وڌي آهي، اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته مفتاح اسماعيل ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش نه ڪري. هنن آئي ايم ايف سان واعدو ڪيو ته سبسڊي گهٽائي ڇڏينداسين، پيٽرول پرائس وڌائي ڇڏينداسين. هن چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول جي قيمت وڌي رهي هئي، اسان پوءِ به گهٽ وڌائي رهيا هئاسين، پيٽرول ٻين ملڪن ۾ اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگو هو، سبسڊي ڏيڻ لاءِ عوام کي اسان فنڊ مختص ڪيا هئا. شوڪت ترين چيو ته اسان 486 ارب رپيا جيڪي سبسڊي لاءِ رکيا، ان بابت ڪيترائي ڀيرا ٻڌائي چڪو آهيان، هڪ ميٽنگ ۾ اسان گڏ ويٺا هئاسين، ان ۾ به کيس ٻڌايو هو، هي چون ٿا ته شوڪت ترين ڪوڙ ڳالهائي ٿو، اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪريو، مفتاح اسماعيل مهذب زبان ۾ ڳالهه ڪري، مون جواب ڏنو ته کيس لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button