سنڌ

ارسا فلڊ ڪئنال کولي تربيلا کي ڊيڊ ليول تي پهچائي ڇڏيو آهي:آبپاشي وزير

آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ارسا پاران چشما جھلم ۽ تونسا پنجند (سي جي ۽ ٽي پي) لنڪ ڪئنالن جي کولڻ جي نتيجي ۾ تربيلاڊيم جي سطح ڊيڊ ليول تي پهچڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوبي جي اعتراضن باوجود ارسا بلوچستان صوبي جي مدد سان سي جي ۽ ٽي پي لنڪ ڪينالن کولي تربيلا ڊيم کي ڊيڊ ليول تي پھچائي ڇڏيو آھي. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ صوبي پاران ارسا کي اڳواٽ ئي تڪراري ڪينالن ۾ پاڻي جي ڇوڙ سبب تربيلا ڊيم جي سطح ڊيڊ ليول تي پهچڻ بابت خدشو ظاھر ڪيو ويو ھو. اھڙن خيالن جو اظهار ھن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ ھو ته ارسا جي اھڙن غيرقانوني فيصلن جي ڪري سنڌ صوبي تي تمام گهڻا ھاڃيڪار اثر پوندا ۽ ملڪ جي معيشت کي پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيندو، جڏهن ته زراعت جو شعبو تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي. ڄام خان شورو چيو ته ارسا کي پاڻي معاھدي 1991 تحت صوبن جي مقرر ڪيل حصي جي مطابق پاڻي جي ورڇ کي يقيني بڻائڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button