پاڪستانسنڌ

ها ڪورٽ جي پابندي باوجود ڪارونجهر جي ڪٽائي ٻيهر شروع

ڪراچي: عدالتي حڪمن باوجود ٿر جي سونهن ڪارونجهر جي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَٽائـِي شروع ٿي وئي. تفصيل موجب کارسر جبل تان ڳري مشينري ذريعي گرينائيٽ پٿر کڻڻ جون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن. ان حوالي سان ٿرپارڪر جي سڄاڻ ڌُرين چيو آهي ته بااثرن طرفان جبل تي ڪٽائي جا اطلاع ملڻ باوجود انتظاميا ڪارروائي لاءِ تيار ناهي، سرِعام عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هنن حڪومت کان نوٽيس وٺي ڪارونجهر جي سونهن بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر تي ڪٽائي کي غيرقانوني قرار ڏنو هو، جڏهن ته مقامي عدالت به ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ان باوجود به ڪٽائي شروع ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button