سنڌ

ملير ۾ ڳوٺاڻن جو قبضن خلاف احتجاج،پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ

ملير جي عبدالله ڳوٺ ۾ قبضن خلاف ڳوٺاڻا رستن تي اچي ويا، چوديواري ڊاهي پٽ ڪئي وئي، پوليس فائرنگ ۽ شيلنگ ڪري 10 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب ملير جي علائقي رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ويجهو عبدالله گبول ڳوٺ جا رهواسي ڳوٺ جي زمين تي زبردستي قبضي خلاف گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، اينٽي انڪروچمنٽ پوليس ۽ روينيو عملي جي مدد سان 18 ايڪڙن تي کنيل چارديواري کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، مڇريل ڳوٺاڻن ڳوٺ جي چڱي مڙس رئوف گبول، ارشد شاهه، غلام عباس ڪاڪيپوٽو، حسن ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاج ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ڪراچي کان ٺٽو ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پوليس پاران روڊ کولائڻ لاءِ مظاهرين تي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، پوليس 10 ڳوٺاڻا گرفتار ڪري ورتا، شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ بعد ڳوٺاڻن عبدالله گبول ڳوٺ کان پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. انِ موقعي تي عبدالله گبول ڳوٺ جي چڱي مڙس رئوف گبول، ارشد شاهه، غلام عباس ڪاڪيپوٽو، حسن ڀٽي ۽ ٻين چيو ته اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد، جلال الدين، محمد علي شيخ ۽ ٻين اسان جي ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرايو آهي، لينڊ مافيا جي سرپرستي پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ڪري رهيا آهن، زمين اسان ڳوٺاڻن جي ملڪيت آهي، ڪنهن به صورت ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو، 18 ايڪڙ زمين اسان فلاحي ڪمن لاءِ رکي هئي، جنهن تي گذريل ڪيترن ئي سالن کان بااثر ماڻهن مختلف طريقن سان قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر گذريل ٻن ڏينهن کان بااثر قبضا گيرن پاران ڳوٺاڻن جي احتجاج باوجود اينٽي انڪروچمنٽ پوليس جي مدد سان زبردستي زمين تي چارديواري ڏياري، جنهن کي اڄ ڳوٺاڻن ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ قبضي خلاف سراپا احتجاج آهيون. هنن چيو ته زمين تي قبضي خلاف عدالت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته 2007 ۽ 2016 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول سوٽ داخل ڪيو ويو هو، جنهن تي عدالت اسٽي جاري ڪيو هو، ان باوجود بااثر ماڻهن پاران ٻيهر قبضو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڳوٺ جي زمين تي ڪڏهن ايم ڊي اي ته ڪڏهن روينيو مالڪي جي دعويٰ ڪري ٿي، جڏهن ته هن وقت سمورا ادارا خاموش آهن ۽ بااثر ماڻهو جا ساٿاري بڻيل آهن، رئوف گبول چيو ته عبدالله گبول ڳوٺ منهنجي والد نالي سان ٺهيل آهي ۽ اها زمين اسان ڳوٺاڻن جي ملڪيت آهي پر اسان غريب هجڻ سبب اسان جي دانهن ۽ فرياد ڪير به نٿو ٻڌي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته قبضاگيرن خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ جي زمين ڳوٺاڻن حوالي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button