پاڪستانسنڌ

ماتلي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ انصاف لا حيدرآباد ۾ مظاهرو

حيدرآباد: ماتلي جي ڳوٺ محمد ابراهيم چانڊيو جي رهواسي بيگناهه قتل ٿيل نوجوان ساجد علي چانڊيو جا قاتل زاهد لغاري ۽ سندس زال شاهده لغاري کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي، رجب علي چانڊيو، اختر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ساجد علي چانڊيو کي عيد ملن پارٽي جي دعوت ڏئي گهرائي قتل ڪيو ويو آهي، ڊي ايس پي ماتلي، ايس ايڇ او گلاب لغاري، ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي قاتلن کي گرفتار نٿا ڪن، قاتلن پنهنجو سياسي اثر ڏيکاريو ۽ پوليس سندن ونگارو بڻجي وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن ته احتجاج ۾ فتح محمد چانڊيو، دريا خان چانڊيو، حاجي محمد يوسف چانڊيو، سليمان چانڊيو، خير محمد جتوئي، علي غلام ۽ ٻيا شريڪ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button