سنڌ

لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ برهان چانڊيو جو وڪيل نه آيو، شنوائي ملتوي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ميهڙ واقعي ۾ ايم پي سردار خان چانڊيو سندس ڀاءُ برهان خان چانڊيو ۽ ٻين جي ضمانت رد ڪرائڻ بابت ام رباب چانڊيو طرفان داخل درخواست جي شنوائي ٿي، جتي برهان خان چانڊيو ۽ علي گوهر خان چانڊيو پيش ٿيا جڏهن ته سندن وڪيل شهاب الدين سرڪي پيش نه ٿيو، جنهن ڪري عدالت شنوائي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب چانڊيو چيو ته پنجن سالن کان پنهنجي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ انصاف لا عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، مون کي اميد آهي ته مون سان ضرور انصاف ٿيندو، اڄوڪي شنوائي تي برهان خان چانڊيو وارن جو وڪيل پيش نه ٿيو جنهن ڪري عدالت شنوائي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هن چيو ته جيڪڏهن برهان خان چانڊيو ۽ سردار خان چانڊيو وارا معصوم آهن ته هو عدالتن کان ڇو ٿا ڀڄن، سڀ شعور رکي سمجهي سگهن ٿا ته ام رباب حق ۽ سچ جي جنگ وڙهي رهي آهي، فتح ضرور حق جي ٿيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button