پاڪستانسنڌ

ڪڍڻ ۾ آبپاشي عملي ۽ رينجرز جو آپريشن، غيرقانوني واٽرڪورس سيل

ڪڍڻ: آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي هلندڙ واري دوران آبپاشي عملي ۽ رينجرز آپريشن ڪري ڪيترائي واٽرڪورس سيل ڪري مختلف شاخن جي پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو، آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي هلندڙ واري دوران ايس ڊي او آبپاشي فياض علي قمبراڻي ۽ رينجرز عملدارن سب ڊويزن جي مختلف شاخن سنهي گهوني، علي واھه، راڄ واھه تي زيرو آر ڊي کان آپريشن ڪندي ڪيترائي غيرقانوني واٽرڪورس سيل ڪري ڇڏيا.

گذريل ڏينهن راڄ واھه شاخ تي هلندڙ آپريشن دوران صحافين سان ڳالهائيندي ايس ڊي او آبپاشي فياض علي قمبراڻي چيو ته هن وقت اسان کي گيج تمام گهٽ ملي رهي آھي، هن چيو ته رينجرز جي مدد سان بنا فرق جي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button