سنڌ

چڪ ويجهو سولر پليٽ جي تار مان باهه لڳڻ سبب 5 گهر سڙي ويا

چڪ جي ڪچي واري علائقي ۾ سولر پليٽ جي تارن ۾ ٿيل شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ سبب 5 گهر سڙي ويا. چڪ ويجهو محمدآباغ جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ڄام ساماڻو انڍڙ ۾ نظر محمد انڍڙ جي ڪکاون گھرن مٿان پيل سولر پليٽ جي تارن مان شارٽ سرڪٽ ٿيڻ سبب باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ سبب نظر محمد انڍڙ، بھرام، وڪيل احمد پٽ دريا خان، پنڃل انڍڙ ۽ علي محمد انڍڙ جا گهر سڙي ويا. گھرن ۾ پيل اناج، ھنڌ کٽون، پئسا، هڪ پاڏو ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو. متاثر ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. اطلاع ملڻ باوجود آخري اطلاعن تائين فائربرگيڊ عملو نه پھتو ۽ نه ئي ڪو چونڊيل نمائندو ڳوٺاڻن وٽ لڙي آيو. متاثر کليل آسمان ھيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن. متاثرن دانهيندي چيو ته اسان مسڪين پورهيت آھيون، گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو آهي. باهه متاثرن ضلعي انتظاميا سميت سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button