پاڪستانسنڌ

شيخ ڀرڪيو لڳ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي

شيخ ڀرڪيو: شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مشين اسٽاپ ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان ٿيل جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ عورت نظيران زال شير محمد، امجد علي ۽ حاجن پٽ اسلم ٿهيم سخت زخمي ٿي پيا، جن کي شيخ ڀرڪيو پوليس اين سي داخل ڪري وڌيڪ علاج لا ليٽر ڏيئي آر ايڇ يو راڄونظاماڻي روانو ڪيو، جتي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب سول استپال ٽنڊومحمدخان نيو ويو جڏهن ته شديد زخمي عورت نظيران جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب حيدرآباد نيو ويو آھي.

ٻئي طرف متاثر ڌر جي غلام نبي ۽ امير ٿهيم ٻڌايو ته اسان جي ماڻھن مٿان بااثر جبار ٿهيم جي ماڻھن هلان ڪري بلاجواز اسان جي ماڻھن کي زخمي ڪيو آھي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته جوابدر ڌر انتهائي بااثر آھي، جوابدارن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button