پاڪستانسنڌ

گجي ويجهو تبليغين جي لوڊر رڪشا ڪلٽي، 7 ٻڏي فوت، ٽن کي بچايو ويو

گجو/ٺٽو/ڌاٻيجي: گجي ويجهو تبليغي جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن سان خوفناڪ حادثو، اسٽيئرنگ لاڪ ٿيڻ ۽ تيز هوا سبب لوڊر رڪشا ڪي ڊي نالي ۾ ڪري پيو، تبليغي جماعت جا 10 ڄڻا ٻڏي ويا، پاڻي ڀريندڙ عورتن ۽ مقامي ماڻهن 3 ڄڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته پشاور واسي ٽن ڄڻن سميت 7 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، جن مان مقامي ٽوٻن 6 لاش هٿ ڪري ورتا، رپورٽ موجب گجي لڳ جنگشاھي ٿاڻي جي حد ۾ درگاھه مخدوم عيسى جي سامھون تبليغي جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن جو لوڊر رڪشا اسٽيئرنگ لاڪ ٿيڻ سبب ڪي ڊي اي نالي ۾ ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار 10 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان ٽن ڄڻن علي گل خان، محمد نصير ۽ عبد علي کي مقامي ڳوٺاڻن ۽ نالي مان پاڻي ڀريندڙ عورتن ھمت ڪندي پنھنجا روا ڏئٔي ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو، جڏهن ته عورتن جي رڙين توڙي اطلاع ملڻ تي ڀرپاسي موجود وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا پھچي ويا، مقامي ٽوٻن بروقت 2 ڄڻن پشاور واسي محمد آصف ۽ ڌاٻيجي واسي گل رحمان جا لاش ڪڍي سول اسپتال مڪلي روانا ڪيا.

جڏهن ته 3 ڪلاڪن جي ڳولا بعد مقامي ٽوٻن وڌيڪ 3 ڄڻن ڌاٻيجي واسي امير حمزا پٽ صالح محمد خاصخيلي، پشاور واسي گوھر بيگ ۽ ڌاٻيجي واسي مقبول جا لاش ڪڍي ورتا، جن مان گوھر بيگ جو لاش نجي گاڏيءَ ذريعي اسپتال روانو ڪيو ويو، جڏهن ته امير حمزا جو لاش کڻي ويندڙ ايمبولينس جو ٽائر پنڪچر ٿي وڃڻ بعد اسپيئر ٽائر لڳائڻ لا پانا نه ھئڻ ڪري ايمبولينس رستي ۾ بيٺل رھي، بعد ۾ ڳوٺاڻن پانا ھٿ ڪري ٽائر بدلي ڪرائي لاش کي اسپتال روانو ڪيو، هوڏانهن ٻڏي فوت ٿيلن مان وڌيڪ ھڪ ڄڻي جو لاش ھٿ ڪيو ويو، جنهن بعد تعداد 6 ٿي ويو، باقي ھڪ ڄڻي جي ڳولا جاري هئي، لاش جي سڃاڻپ جماعت جي امير مزمل شاھه طور ٿي آھي، جيڪو پشاور جو رھائشي آھي.

جڏهن ته ڌاٻيجي واسي غلام رسول جي لاش جي ڳولا ڪئي پئٔي وئي. ان سلسلي ۾ پوليس پوسٽ جنگشاھي جي انچارج اي ايس آ نجم بلوچ صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته تبليغي جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن جو رڪشا تيز ھوائن سبب ڪلٽي ٿي ويو، پاڻي جي تيز وھڪري سبب لاش لڙھي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي، هوڏانهن هيڏي وڏي حادثي جي 5 ڪلاڪن بعد سج لٿي مهل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غضنفر قادري ۽ ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو واقعي واري هنڌ پهتا. سج لٿي تائين فقط مقامي ٽوٻا ئي لاش ڳوليندا رهيا پر انتظاميه پاران لاش ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جا ڪي به انتظام نه ڪيا ويا. ٻئي پاسي فوتين جا لاش سول اسپتال مڪلي مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڏي فوت ٿيل 65 ورهين جي امير حمزه ولد صالح محمد خاصخيلي جو تعلق گجي جي ڳوٺ الياس خاصخيلي سان آهي، جيڪو گذريل ڪيتري عرصي کان ڌاٻيجي ۾ رهندڙ هيو، جنهن جو لاش وارث ڌاٻيجي کڻائي ويا، جتي کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڪي ڊي اي ۾ تبليغ جماعت جي ٻڏي فوت ٿيل ماڻھن جي واقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه افسوس جو اظھار ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته واقعو انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، انتظاميه فوري طور تحرڪ وٺي ٻڏي ويل ماڻھن جي ڳولا ڪري. جڏهن ته جمعيت علما اسلام ضلعي ٺٽي جي صدر مولانا احمد سومرو سميت وڏي انگ ۾ تبليغي جماعت جا اڳواڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن ڊي سي ٺٽو آڏو ريسڪيو انتظامن جي اڻ هوند تي احتجاج ڪندي قومي شاهراھه تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو، جنهن بعد ڊي سي ٺٽو غضنفر قادري پاران فوري طور ڪينجهر کان ٽوٻا طلب ڪري سج لهڻ باوجود لاش ڳولڻ لا ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن بعد ڪينجهر جي ٽوٻن پاران جماعت جي امير سيد مزمل شاھه بخاريءَ جو لاش هٿ ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ هڪ لاش جي ڳولا جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button