پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ ڪراس موري تعمير نه ڪرڻ خلاف بک هڙتال

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ عيد گاهه ڀرسان قبرستان ڏانهن ويندڙ مين ڪراس موري سالن کان ٽٽل هئڻ خلاف 90 سالن جي سماجي اڳواڻ انور علي منگي پنهنجي ٻن پوٽن بلاول منگي ۽ ثنا الله منگي سان گڏجي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي هن چيو ته ٽائون ۾ لکين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود شهر ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه پيو ٿئي، عيدگاهه جي ڪراس موري، سولر لائيٽ ۽ گيٽ اڳيان ٽٽل بلاڪن جي مرمت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جيستائين ڪم شروع نه ٿيندو، ايستائين احتجاج جاري رکيو ويندو. جڏهن ته شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي ايڊمنسٽريٽر رضوان سانگي فون تي رابطو ڪري جلد ڪراس ٺهرائڻ جو يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button