پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ميھڙ: ميهڙ پوليس فريدآباد روڊ تي مبينا مقابلي ۾ جوابدار محمد نواز شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، جڏهن ته زخمي جوابدار وٽان پستول هٿ ڪيو. زخمي شڪارپور ضلعي جي لکي غلام شاهه جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. ايس ايس پي دادو عرفان سمون موجب چار جوابدار ڏوهھ جي ارادي سان بيٺا ھئا ته جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڏوھاري محمد نواز شر زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 3 جوابدار فرار ٿي ويا آھن. جوابدار محمد نواز شر ٻه ڏينھن اڳ جوھي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ پڻ ملوث ھو. ٻئي پاسي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار کي علاج لا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button