پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ پ پ اميدوارن طرفان ورڪ شروع، گاڏين تي ريلي

سامارو: سامارو ۾ يوسي مير محمد ڀرڳڙي جي پ پ اڳواڻن پير حمادالرحمان جان سرھندي، پير عبادالرحمان جان، غلام رسول ڌونڪائي، پير زبير جان، پير آفاق جان، پير مزمل جان، پير فيصل جان، شاھنواز ڪالرو، محمد موسى شاھاڻي، اسلم شاھاڻي، پير محمد پلي، فاضل مري، حبيب الله ڪپري، مڪي اسماعيل خان ڀرڳڙي، نبن ڪالرو، زوار ڀنڀرو، قاسم انڙ ۽ پ پ جي ٽڪيٽ لا درخواستون ڏيندڙ يوسي مير محمد ڀرڳڙي جي اميدوارن يوسي چيئرمين لا غلام رسول ڌونڪائي، وائيس چيئرمين لا اعجاز شاھاڻي، ضلعي ميمبر لا پير عباد جان سرھندي، جنرل ڪائونسلر ھميرو ڪولھي، ڊاڀو ڪولھي ۽ ٻين موٽرسائيڪلن، چنگچين ۽ سوين ڪارن ۽ ٻين گاڏين تي بچابند کان ريلي ڪڍي، جيڪا صالح ڀنڀرو، حنيف آباد، راھو آباد ۽ ٻين علائقن کان ٿيندي ساماو روڊ شھر پھتي، جتي مک چوڪ تي ھزارين ماڻھن جو جلسو ٿيو. جلسي کي خطاب ڪندي پير حماد جان سرھندي، غلام رسول ڌونڪائي ۽ ٻين چيو ته يوسي مير محمد ڀرڳڙي ۾ 5 سال اڳ اڳوڻن چونڊيل نمائندن ڇا ڪيو، اهو توھان سامھون آھي، عوام ھاڻي سجاڳ ٿي وئي آھي، اسان يوسي جي سمورين برادرين سان گڏجي عوامي خدمتن جو جذبو رکندڙن نوجوانن تي مشتمل اميدوارن جو پينل آندو آھي، جن کي عوام ھڪ ڀيرو موقعو ڏئي آزمائي. اسان يوسي جي عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪنداسين. پ پ جي ٽڪيٽ تي اسان جي پينل جو حق آھي. اهو ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button