پاڪستانسنڌ

ميهڙ مان اغوا ڄاڻايل ڇوڪري عدالت پهتي، مڙس حوالي

ميھڙ: ميهڙ جي مدينا ڪالوني مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري دعا ميمڻ ميهڙ ٿاڻي تي پهچي وئي، جنهن بعد بي سيڪشن پوليس ڇوڪري کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي بيان بعد دعا ميمڻ کي سندس مڙس حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي دعا ميمڻ چيو ته هو اغوا ناهيان ٿي، پر پنهنجي مرضي سان شادي ڪري مڙس سان گڏ رهان ٿي. ٻئي پاسي دعا ميمڻ پنهنجي مڙس غلام محمد چانڊيو سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان 3 مهينا اڳ پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي پر مائٽ ناراض آھن، هنن اسان تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو، جيڪو ڪالهه عدالت خارج ڪري ڇڏيو آهي، مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، اختياريون تحفظ ڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button