پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ بااثر شخص جي ڌمڪين سبب عورت خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ بااثر جي مبينا ڌمڪين سبب عورت آپگهات ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڪاسبو ۾ 5 ٻارن جي ما 35 ورهين جي جهيڻي زال خوشحال ميگهواڙ گهر اندر لانڊي ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف خودڪشي ڪندڙ ناري جي ڀا امولک ۽ سريش ميگهواڙ صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي ڀيڻ جي ڏير ۽ مڙس سان بااثر جو جهيڙو ھلندڙ هو، اسان جي ڀيڻ توڙي ٻين گھر جي عورتن مٿان گھر کان ٻاھر نڪرڻ تي پابندي لڳل ھئي، اسان جي ڀيڻ پنهنجا سونا زيور وڪرو ڪري بااثر کي پنهنجي مڙس جو قرض ڀري ڏنو هو. ھنن چيو ته اسان جي ڀيڻ بااثر جي ڌمڪين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته عورت گھرو پريشانين سبب آپگھات ڪيو. اسان کي عورت کي ڌمڪين ملڻ بابت ڪا شڪايت ناهي ملي، نه ئي وارثن ڪو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button