پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ حيسڪو عملي خلاف شهري جو احتجاج

ڊگهڙي: ڊگهڙي شهر جي يوسف آباد ڪالوني جي رهواسي محمد عمران آرائين پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته آئون ماهوار بجلي جو بل مقرر تاريخ تي ادا ڪندو رهندو آهيان، ان باوجود حيسڪو عملي لائين لاسز پورا ڪرڻ لا هزارين رپيا ڊٽيڪشن لڳائي وڌيڪ بل موڪليو آهي، جيڪو ظلم آهي، هاڻ مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي، جائز مسئلو حل ڪرائڻ لا حيسڪو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي، پر ڪير ٻڌي نٿو. شهر ۾ رشوت عيوض سوين ناجائز ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن. هن چتا ڏنو ته 3 ڏينهن اندر مسئلو حل نه ڪيو ويو ته آئون ايس ڊي او آفيس اڳيان پاڻ کي باهھ ڏئي ساڙيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button