پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ واپاري تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايس يو پي جي ريلي

ميهڙ: نوجوان واپاري منصور ابڙو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران خليل ابڙو، سڪندر سوڍر ۽ غفور چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين ميهڙ تعلقه اسپتال کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان اياز پنهور سرعام پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري ڪيترن ئي ماڻھن جي سامهون خودڪشي ڪئي هئي، هو ذهني مريض هو، هن اڳ ۾ به 2 دفعا عوامي جڳهن تي اهڙي ڪوشش ڪئي هئي پر هاڻي ڪجهه ماڻھن جي چوڻ تي واپاري منصور ابڙو کي ان ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي. هنن چيف جسٽس سنڌ، آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button