اسلام آباد :حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪيو ويندو ۽ رياست جي رِٽ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. جڏهن ته هر غيرقانوني ڪم جو رستو روڪيو ويندو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوام جي حفاظت ۽ تحفظ يقيني بڻايو ويندو. امن امان ۾ رخنو وجهندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن به قسم جي تشدد يا چڙ ڏيارڻ وارن قدمن تي قانون حرڪت ۾ ايندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ ڌرڻن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل طور عمل ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close