اسلام آباد :وفاقي گهرو وزارت اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ ايف سي کي طلب ڪري ورتو آهي. موجوده سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ذريعن موجب ريڊ زون جي سموري سيڪيورٽي فوج حوالي ڪئي ويندي، جنهن تحت وزيراعظم هائوس، وزيراعظم آفيس، ايوان صدر ۽ سپريم ڪورٽ تي فوج مقرر هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ڊويزن سميت ٻين سرڪاري عمارتن تي به فوج مقرر هوندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت ايف سي جون خدمتون طلب ڪيون آهن، جنهن تحت ايف سي جا 2 هزار اهلڪار اسلام آباد ۾ فرض انجام ڏيندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ به ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ قلم 144 جو دائرو هڪ ڪلوميٽر تائين وڌايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close