اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آئي ڪارڪنن کي حراسان نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ کان روڪيندي آئي جي اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته غير ضروري طور تي ڪنهن کي حراسان نه ڪيو ويندو. پي ٽي آئي لانگ مارچ کي روڪڻ خلاف اڳواڻ عامر ڪياني جي داخل درخواست جي شنوائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جج اطهر من الله ڪئي. جڏهن ته پي ٽي آئي پاران وڪيل بئريسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جلسن ۽ ڌرڻن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جا حڪم واضح آهن ۽ هي عدالت به انهيءَ تي عمل ڪندي. ان دوران پي ٽي آئي جي وڪيل علي ظفر موقف اختيار ڪيو ته پرامن احتجاج جو حق سڀني کي حاصل آهي ۽ پاڪستان جو آئين پرامن احتجاج جو حق ڏي ٿو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن کان هي درخواست داخل ڪئي آهي، ان کان پوءِ گذريل رات دير سان پي ٽي آئي قيادت ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا. پي ٽي آئي جي وڪيل چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ئي عمل ڪنداسين، حڪومت پاران ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مارچ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي. پي ٽي آئي جي وڪيل جي ڳالهه تي عدالت چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به جلسن ۽ ڌرڻن جي حوالي سان فيصلا ڏنا آهن. اسان به سپريم ڪورٽ جي پرنسپلز تي حڪم جاري ڪيون ٿا. وڪيل علي ظفر عدالت کي درخواست ڪئي ته حڪومت کي ڪارڪنن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ مارچ کان نه روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ماضي جي احتجاجن جو حوالو ڏيندي چيو ته 2014 ۾ حڪومت کان اجازت وٺي ڌرڻو هنيو ويو هو پر ڪارڪن گرفتار ٿيا هئا. هن پي ٽي آئي جي وڪيل کي چيو ته اوهان ضلعي انتظاميا کان جڳهه جو تعين ڪريو پوءِ ڏسي سگهجي ٿو ته پرامن احتجاج اوهان جو حق آهي. عدالت چيو ته حالتن جو اوهان کي چڱي طرح اندازو آهي، هي عدالت ڪنهن واقعي جي ذميواري نٿي وٺي سگهي. چيف جسٽس پي ٽي آئي جي وڪيل کي چيو ته اوهان کي عمومي آرڊر گهرجي جيڪو اسان ائين نٿا ڏئي سگهون، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪوئي واقعو ٿي وڃي ته ڇا ٿيندو؟ هي عدالت ڪا ذميواري نٿي وٺي سگهي، جنهن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان پرامن احتجاج چاهيون ٿا ۽ پوليس گهرن ۾ گهڙي ڇاپا هڻي رهي آهي. ملڪ ۾ پي ٽي آئي عورتن جي گهرن تي ڇاپا هڻي کين حراسان ڪيو ويو. وڪيل علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته پوليس پاران اڳوڻي ججن جي گهرن تي به رات دير سان ڇاپا هنيا ويا آهن. عدالت پي ٽي آئي جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته ڇا اوهان ڪوئي حلفي بيان ڏئي سگهو ٿا ته ڪوئي واقعو نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته پارٽي ذميوار هوندي. جهڙي طرح اوهان حلفي بيان نٿا ڏئي سگهو، اهڙي طرح هي عدالت عمومي حڪم نٿي ڏئي سگهي. شنوائي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته 2014 ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان هن عدالت حڪم ڏنو هو جنهن کان پوءِ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ٿيو ۽ ايس ايس پي تي تشدد ڪيو ويو هو. عدالت پي ٽي آئي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي عدالت نه پئي چوي ته اوهان جي سياست جماعت ايئن ڪيو پر ڇا هن واقعي کان انڪار ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس چيو ته جڏهن عدالت هڪ حڪم جاري ڪري ۽ ان کان پو اهڙو واقعو ٿي وڃي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو. عدالت ماضي ۾ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ايس ايس پي رينڪ جي سينيئر آفيسر سان جيڪو ٿيو هو، ان ۾ رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو ويو هو. چيف جسٽس اطهر من الله بئريسٽر علي ظفر کي چيو ته 2019 جي ڌرڻي واري ڪيس جو لاڳاپيل حصو اوهان پڙهو. بئريسٽر علي ظفر جواب ڏنو ته اسان چاهيون ٿا ته لانگ مارچ جي حوالي سان هن عدالت جي دائري سان گرفتارين کي روڪيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا اوهان ضلعي انتظاميا کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي آئي جي وڪيل جواب ڏنو ته اسان 25 مئي تي لانگ مارچ لاءِ ضلعي مئجسٽريٽ کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ کان روڪيندي شنوائي 27 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button