اسلام آباد : قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف گڏيل عرب امارت جي سفارتخاني جو دورو ڪري شيخ خليفا بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ شيخ خليفا بن زيد النيهان جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته شيخ خليفا بن زيد النيهان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست ۽ مسلم امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close