رتوديرو ويجهو ڳوٺ وليداد گابر واسي پرائمري استاد اختر جوڻيجو جون ٻه نياڻيون 13 ورهين جي رخسار ۽ 10 ورهين جي عروسه وڏي عرصي کان وٺي گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، انهن جي علاج ۾ مالي سهائتا لاءِ سماجي تنظيم پاران جھولي فنڊ قائم ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن آصف منگي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پرائمري استاد جي ٻنهي نياڻين جا گڙا فيل ٿي چڪا آهن، نياڻين جي علاج تي لکين خرچ جي سگهه پرائمري استاد ۾ ناهي، ان ڪري مالي سهائتا لا جهولي فنڊ قائم ڪري شهر ۾ نڪتا آهيون. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر نينگرين جي بيماري وارين خبرن جي نوٽيس وٺڻ بعد پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري ڳوٺ ڌامراهه پهچي گڙدن جي بيماري ۾ ورتل رخسار جوڻيجو جي عدايت ڪئي ۽ فريال ٽالپر پاران بيمار نياڻي جي والد استاد اختر جوڻيجو کي 2 لک روپيا ڏنا ۽ باقي علاج ڪراچي مان ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته نينگري جي علاج جو سمورو خرچ پارٽي ۽ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close