سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عورت ساهرن جي زيادتين تنگ اچي ٿاڻي پهتي

لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني جي رهواسڻ شادي شده عورت مڙس، سهري ۽ ڏيرن جي مبينا زيادتي کان تنگ ٿي وومين ٿاڻي تي پهچي وئي، جنهن کي وومين ٿاڻي پوليس فورٿ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج حفظ الرحمٰن ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ناري کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي ناري انجلي اوڏ الزام لڳايو ته 2 سال اڳ شادي اجي اوڏ سان ٿي هئي، جيڪو شادي بعد تشدد ڪندو هو ۽ خرچ به نه ڏيندو هو، ڏير سنجي ۽ سهرو شوڪت اوڏ تشدد ڪندا هئا، جنهن کان تنگ ٿي ٿاڻي پھتي آهيان ۽ پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي. هوڏانهن وومين ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ناري ٿاڻي پهتي آهي، جنهن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button