پاڪستان

سعودي عرب 3 ارب ڊالرن جي ڊپازٽ ۾ واڌ تي راضي

ڊيووس: سعودي عرب اشارو ڏنو آهي ته هو پاڪستاني اسٽيٽ بئنڪ ۾ رکيل 3 ارب ڊالرن جي رقم جلد واپس نه وٺندو ۽ اهڙي طرح ان جو مدو وڌائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجدان خابرو اداري کي ٻڌايو ته “اسان پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالرن جي رقم جمع رکڻ جو مدي ۾ اضافي تي حتمي ڪم ڪري رهيا آهيون.” هن ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي ڏنل 3 ارب ڊپازٽ ۾ توسيع ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سعودي عرب جو اهم اتحادي آهي، ان سان گڏ رهنداسين. واضح رهي ته سعودي عرب پاڪستان ۾ مٽا سٽا واري پرڏيهي ناڻي جي ذخيرا وڌائڻ لا گذريل سال اسٽيٽ بئنڪ ۾ 3 ارب ڊالرن جي رقم جمع ڪرائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button