سنڌ

”زال واپس ڏياريو“ باقراڻي واسي نوجوان جو ساهرن خلاف احتجاج

باقراڻي ويجهو ڳوٺ وڏي واهڻ واسي نوجوان زال نه ڏيڻ تي ساهرن خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ وڏي واهڻ جي رھواسي نوجوان محمد امين ڪلهوڙي ساهرن خلاف پريس ڪلب باقراڻي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو سهرو حبدار علي ڪلهوڙو ۽ سالا عمران، مختيار ڪلهوڙو منهنجي گهرواري فوزيا کي عيد ڪرڻ بهاني وٺي ويا هئا, جنهن کي هينئر جهلي ويهاري ڇڏيو آهي ۽ واپس موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سهري چيو ته پنهنجي ڀاءُ کان الڳ ٿي ته پوءِ توکي گهرواري واپس ڏينداسين پر ڀاءُ کان الڳ ٿيڻ باوجود سهرو منهنجي گهرواري کي ويهاري ڇڏيو آهي. هن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته سهري خلاف ڪارروائي ڪري گهرواري واپس ڪرائي گهر تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button