سنڌ

باڊهه جي لائبريري ۾اخبار ۽ رسالن جا بل ادا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

باڊهه شهر جي لائبريري ۾ اخبارون ۽ رسالن جي بلن جي ادائيگي نه ٿيڻ خلاف صحافين ۽ شاگردن ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين علي رضا نوناري، فقير فياض ڪانڌڙو، ڪامريڊ قادر بروهي، منور نوناري، فدا حسين تنيو، محمد عالم بروهي، شمس الدين پنهور، نصراللّٰہ ڪولاچي، مير مرتضيٰ گوپانگ، ظهير جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ٽائون آفيسر طارق زنگيجو ۽ ايڊمنسٽريٽر شھزادو کوکر هڪ ڪروڙ 10 لک بجيٽ باوجود شهيد شان ڏھر لائبريري کي نه ٿڌي پاڻي جي سهولت ڏيئي سگهيا نه ئي لائبريري ۾ ڪو سولر سسٽم ڏئي سگهيا آهن، ان سان گڏوگڏ لائبريري ۾ اخبارن، ڪتابن توڙي رسالن جي رسائي بند ڪرڻ جو چئي صحافين کي رهيل بلن جي ادائگي نه پيا ڪن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير اخبارن ۽ رسالن ڪتابن جي بلن جي ادائگي ڪري لائبريري ۾ گهربل سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button