اسلام آبادپاڪستان

بينظير انڪم پروگرام جو حدف 80 لک گهرائڻن تائين پهچائڻ آهي:شازيا مري

اسلام آباد : سينٽر آف ريسرچ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز (سي آر ايس ايس) پاڪستان، افغانستان، سول سوسائٽي جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير شازيا مري ڪانفرنس ۾ شامل عورتن سان ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي شرڪت کان سواءِ ڪوبه ملڪ يا قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. اسان جو مذهب مرد ۽ عورت ٻنهي کي برابر حق ڏي ٿو. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري يا عورت باصلاحيت آهي ته اها ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آئي اس پي) ملڪ جو سڀ کان وڏو سوشل سيفٽِي نيٽ پروگرام آهي جيڪو 7 ڏهائي 28 ملين گهراڻن کي معاشي ۽ سماجي طور تي بااختيار بڻائي رهيو آهي ۽ اسان جو حدف هن سال جون تائين 80 لک گهرائڻن تائين پهچائڻو آهي. بي آئي ايس پي پنهنجي لکين مستحق عورتن جي زندگي تي وڏو اثر وجهي رهيو آهي. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ تاريخي لاڳاپن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ هن افغانستان جي ماڻهن جي مدد لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. پاڪستان طالبان جي قبضي کان پوءِ افغان رهواسين کي ويزا فراهم ڪيا هئا، ان وقت پاڪستان واحد ملڪ هو جنهن ويزا فراهم ڪيا هئا. هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سرگرمين کي بهتر بنائڻ لاءِ واپار ۽ ٽرڪن جي چرپر جي سهولتن کي به يقيني بڻايو. پاڪستان افغانستان ۾ جامع حڪومت جي پاليسي چاهي ٿو. هن چيو ته قانون جي حڪمراني انسانيت جو احترام ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ٿيڻ گهرجي ۽ افغانستان ۾ نوجوان ڇوڪرين جي تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي، جنهن کان پوءِ هن افغان ڪارڪن عورتن جامسئلا ٻڌا ۽ لاڳاپيل عملدارن پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button