سنڌ جي ڳوٺن کي سولر پاور جي فراهمي لاءِ مني سولر گرڊ اسٽيشن تعمير ڪئي وڃي. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ اڄ سنڌ جي توانائي کاتي جي آفيس ۾ سنڌ جي ڳوٺن کي سولر پاور فراهم ڪرڻ واري منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڳوٺن ۾ شمسي توانائي جي فراهمي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته سيڪريٽري توانائي سنڌ ابوبڪر مدني، ڊائريڪٽر سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ ۽ توانائي کاتي جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي هدايتون ڏنيون ويون ته ڳوٺن کي بنا رنڊڪ جي شمسي توانائي سان بجلي جي فراهمي لاءِ مني سولر گرڊ اسٽيشنون قائم ڪيون وڃن ته جيئن سولر پاور جي ان گرڊ اسٽيشنن مان محفوظ بجلي لاڳاپيل ڳوٺن کي بغير ڪنهن وقفي جي فراهم ٿي سگهي ۽ ٻهراڙي جي آبادي ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي. ان موقعي تي پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي ته هو مني گرڊ اسٽيشنن جي تعمير جو ڪم تيز ڪن ۽ سولر پاور سپلاءِ سان لاڳاپيل ٻين سهولتن جي فراهمي جو ڪم به بروقت مڪمل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close